صالح فقير گوهري

صالح فقير گوهري: هيءُ شاهه لطيف جو عقيدتمند مريد ۽ شاعر هو. محمد خان زرداري پنهنجي ڪتاب ‘لطيفي رنگ رهاڻ’ ۾ لکيو آهي ته: “خليفو صالح فقير ذات جو مڱريو ۽ جڙهوٽ مڪان جو رهاڪو هو.” پر عام روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪڇ جي ڳوٺ گوهر شريف جو رهاڪو هو. شاهه لطيف جڏهن سفر دوران ڪڇ ويو ته اتي ڳوٺ گوهر شريف ۾ ڪڇ جي مشهور شاعر صالح فقير سان ملاقات ٿيس، جيڪو بعد ۾ سندس مريد ٿيو ۽ گڏجي سنڌ آيو، جتي شاهه صاحب جي خدمت ڪرڻ لڳو. هڪ دفعي شاهه صاحب تلهار ويو، جنهن جي خبر راڄو خاناڻي سميت ٻين ڳوٺن ۾ پئي، ماڻهو شاهه صاحب جي سڪ ۽ اڪير ۾ تلهار پهچڻ شروع ٿي ويا، تڏهن صالح فقير گوهري اهڙي صورتحال کي ڏسي شعر چيو ته: جنهن ڏٺو لال لطيف کي، آيو تنهن آرامپري ڀڄو پانڌيا، گوهر سندي گام ڪو نه رهيو ڪو خام، سڀ سکيا ٿيا صالح چوي. هو شاهه صاحب سان محبت سبب هميشه لاءِ اچي وٽس وٽ رهي پيو، هن شاهه صاحب جي ثناء ۽ سڪ ۾ تمام گهڻا بيت چيا. سندس ذڪر ڀٽ ڌڻي سـُر ڌناسري ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب جي وفات بعد هو فقير به گهڻو وقت زنده نه رهيو ۽ جلد سندس وفات ٿي.


لفظ صالح فقير گوهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو